ممبئي (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي آسٽريلوي اوپنر ڊيوڊ وارنر ادڪاري جي دنيا ۾ قد رکي ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڊيوڊ وارنر هلندڙ سال آءِ پي ايل لاءِ دستياب نه هوندو، هو تيلگو فلم انڊسٽري ذريعي پنهنجي اداڪاري جي شروعات ڪري رهيو آهي.
اڳوڻو آسٽريلوي اوپنر ميٿري مووي ميڪرز جي بئنر هيٺ ٺهندڙ فلم ” رابن هوڊ“ ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ميٿري مووي ميڪرز اِها ساڳي ڪمپني آهي جنهن بلاڪ بسٽر فلم ” پشپا ٽو “ ٺاهي هئي.
ميڊيا رپورٽس موجب، فلم جي مشهوري تقريب ۾ فلمسازن به انڪشاف ڪيو ته وارنر تمام جلد اداڪار طور وڏي پردي تي نظر ايندو.
Next Post
You might also like