حيدرآباد(رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڄامشورو ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن پاران سنڌ دشمن 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ريلي ڪڍڻ تي پوليس جي بدترين تشدد ۽ گرفتارين جي سخت مذمت ڪندي چيو آھي ته شاگردن مٿان تشدد ڪري سنڌ حڪومت آمريت جي ياد تازي ڪئي آھي. ملڪ ۾ جمھوريت جي نالي ۾ ڊڪٽيٽر شپ آھي، جيڪا قومن جي حقن تي ڌاڙا ھڻي رھي آھي، جنھنجا نتيجا انتھائي خطرناڪ نڪري سگھن ٿا،هن چيو ته سنڌو درياھ اسان جي بقا جو ذريعو آھي، درياھ تي ڌاڙو ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. احتجاجن کي دٻائڻ جي جيتري به ڪوشش ڪئي ويندي ايترو شدت سان احتجاجي لھر شروع ٿيندي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن سان ڏوھارين جھڙو سلوڪ ڪيو ويو آھي، تشدد ۾ ملوث پوليس آفيسرن کي نوڪرين تان برطرف ڪيو وڃي. سنڌ حڪومت جو اھو رويو سنڌ جي ماڻھن ۾ انارڪي ۽ شديد بيزاري کي جنم ڏئي رھيو آھي، بدمست حڪمران سمجھي ڇڏين ته عوام جي آواز کي لٺ يا بندوق جي زور تي دٻائڻ جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا گرفتار شاگردن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.