ڪراچي (م ڊ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي سائبر ڪرائم ونگ ۽ اينٽي مني لانڊرنگ ٽيم هاءِ پروفائل مصطفيٰ قتل ڪيس ۾ مک جوابدار ارمغان ۽ شيراز کان شروعاتي جاچ شروع ڪري ڇڏي. ايف آءِ اي ذريعن موجب جوابدار ارمغان ڪنهن ڳالهه جو سڌو جواب نه ڏنو، نشي جي حالت ۾ لڳي رهيو هو. سنڌ پوليس اڃا تائين ايف آءِ اي کي لاڳاپيل رڪارڊ فراهم ناهي ڪيو جنهن ۾ ارمغان جا ليپ ٽاپ ۽ موبائل فون شامل آهن. پوليس پاران گهربل اليڪٽرانڪ ڊوائيسز ملڻ تي ايف آءِ اي ٽيم فرانزڪ کان پوءِ جوابدارن کان ٻيهر پڇا ڳاڇا ڪندي. ڇاپو هڻي ٽيم جي ميمبرن جا نالا به ناهن ڏنا ويا.
ادارن جي بي ڌياني، ارمغان جي هٿيارن جي فرانزڪ نه ٿي
ڪراچي (م ڊ) سنڌ پوليس جي فرانزڪ ڊپارٽي جو آءِ بي آءِ ايس سسٽم غير فعال آهي جنهن سبب ارمغان جي گهران هٿ آيل جديد هٿيارن جي مڪمل فرانزڪ ناهي ٿي. ذريعن موجب سي آءِ اي پوليس به ارمغان جي گهران مليل هٿيارن جي فرانزڪ ۾ دلچسپي نه ڏيکاري.
مصطفيٰ عامر ڪيس: جوابدار ارمغان جي جسماني رمانڊ ۾ 6 ڏينهن واڌ
ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مصطفيٰ عامر جي اغوا ۽ قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدار ارمغان جي جسماني رمانڊ ۾ 6 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي، جڏهن ته جوابدار شيراز کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو ويو آهي، رپورٽ موجب سينٽرل جيل ۾ واقعي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ مصطفيٰ عامر اغوا ۽ قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ مرڪزي جوابدار ارمغان ۽ شريڪ جوابدار شيراز کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جاچ آفيسر مرڪزي جوابدار ارمغان جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ جي درخواست ڪندي موقف اختيار ڪيو ته جوابدار وٽان قتل جو اوزار به هٿ ڪرڻو آهي، ايف آءِ اي ۽ ٻين ادارن به جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جوابدار انڪشاف ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن،وڌيڪ رمانڊ جي مخالفت ڪندي ارمغان جي وڪيل چيو ته هن وقت تائين نه پيش رفت رپورٽ پيش ڪئي آهي ۽ نه ئي سندس موکل جو طبي معائنو ڪرايو آهي، ايف آءِ اي کي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ عدالت کان اجازت وٺڻي پوندي، حڪومتي وڪيل عدالت جي استفسار تي ٻڌايو ته جوابدارن خلاف سي ٽي ڊي ۽ ٻين ادارن ۾ ڪيس آهن، عدالت دليل ٻڌڻ بعد جوابدار ارمغان جي جسماني رمانڊ ۾ 10 مارچ تائين واڌ ڪئي ، جڏهن ته شيراز کي جڊيشل رمانڊ تي موڪليو ويو.