حڪمران سنڌ جون حالتون به تشدد طرف وٺي وڃي رهيا آهن:قادر مگسي

حيدر آباد(رپورٽر)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڄامشوري ۾ شاگردن پاران سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍي سنڌ سڪائڻ جي سازش خلاف پرامن احتجاج تي پوليس پاران تشدد، لاٺي چارج،فائرنگ ۽ شيلنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي سنڌو درياهه سنڌين جي جياپي جو واحد ذريعو آهي. ڇهه ڪروڙ ماڻهن کي موت ڏانهن ڌڪيو  پيو وڃي  سنڌو درياهه ۾ پاڻي نه آيو ته سنڌ جي زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويندو،هن چيو ته سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍيا ويا ته سنڌ المناڪ حالتن جو شڪار ٿيندي هن چيو ته  سنڌو درياهه بچائڻ جي جدوجهد سنڌين جي  پنهنجي  بقا جي جدوجھد آهي جنهن جدوجهد کي سنڌ ۾ موجود پ پ جي سنڌ حڪومت رياستي ادارن جي ڏاڍ ذريعي ختم ڪرڻ جي غلطي ڪري رهي آهي.ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ملڪ جي حڪمرانن اڃان تائين ملڪ جي تاريخ مان سبق ناهي سکيو نه ئي سنڌين جي سياسي مزاحمت کي سنجيدگي سان ورتو آهي. اڳ ئي بلوچستان ۽ پختونخواہ ۾ حالتون خراب آهن هاڻي سنڌ جون حالتون به تشدد طرف وٺي وڃي رهيا آهن. قادر مگسي گھر ڪئي ته ڄامشوري ۾ گرفتار ڪيل سمورن سياسي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.