پرامن جدوجهد جي جبر ذريعي رستاروڪ پئي ٿئي:رياض چانڊيو

ڪراچي(پ ر )جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو، عزيزالله ڀٽو، نواز شاھ ڀاڏائي، غفارميرجت، پنهل جمالي، ذوالفقار  بليدي، اياز سولنگي،سطان دل ۽  ڪمال مهر گڏيل بيان ۾ چيو آھي ته پر امن سياسي جدوجهد جي جبر ذريعي رستا روڪ ڪئي پئي  وڃي، پر امن سياسي ڪارڪنن ۽ شاگردن جي گرفتارين جي مذمت ڪجي ٿي هنن چيو ته  حڪمرانن کي  واضح ٻڌايون ٿا ته اوهان جو ظلم سرڪاري دهشتگردي ،هي ڏاڍ ۽ ڏهڪاوَ جو نظام قبول ناهي اسان ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسين ،هنن چيو ته عدليه شاگردن مٿان تشدد جو نوٽيس وٺي، پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.