پوليس شاگردن مٿان بي رحماڻو تشدد ڪري پاڻ مٿان نئون داغ هنيو آهي: فتاح چنا

ڄامشورو: جيئي سنڌ قومي محاذ ( آريسر ) جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري عبدالفتاح چنا ڌرڻي واري ھنڌ پھچي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته شاگرد قومن جو سرمايو ھوندا آهن، ڄامشورو پوليس شاگردن مٿان بيحرماڻو تشدد ڪري ھڪ نئون تاريخي داغ پاڻ مٿان کنيو آهي, سنڌ يونيورسٽي جا قوم پرست شاگرد پنهنجي سنڌو درياء ۽ وطن جي بقا لاء پرامن احتجاج ڪري رھيا, جنهن تي ڄامشورو پوليس بيرحماڻي طريقي سان شاگردن مٿان شيلنگ ۽ لاٺي چارج ڪري ڪيترن ئي شاگردن کي زخمي ۽ گرفتار ڪيو آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چتاءٔ ٿا ڏيون اھڙين حرڪتن کان باز اچو ٻي صورت ۾ توھان کي سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو , ھن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياء خاطر سڄي سنڌ سراپاء احتجاج آهي سنڌو درياء مٿان ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.