سنڌ ۾ جمهوريت؟ 4 مارچ ڏهاڙي تي سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن تي شيلنگ، ڪيئي گرفتار

ڄامشورو(رپورٽ:صدر الدين جوڻيجو) سنڌ ۾ جمهوري دور ۾ ايووبي آمريت جي جهلڪ اچي وئي، 4 مارچ ڏهاڙي جي ڏينهن سنڌو درياءُ بچائڻ لاءِ شاگردن جي ڌرڻي تي پوليس ڪڙڪي پئي، لٺ بازي، شيلنگ ڪري ڪيترائي شاگرد گرفتار ڪيا ويا. سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن 4 مارچ شاگرد ڏهاڙي جي موقعي تي اڄوڪو ڏينهن سنڌو درياهه جي مالڪي لاءِ جدوجهد جو ڏينهن قرار ڏيندي سنڌ يونيورسٽي جي آڳنڌ تي ٻوٽو پوکي سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري وفاقي حڪومت جي فيصلي خلاف جدوجهد جي شروعات ڪندي سنڌ يونيورسٽي جا سوين شاگرد توڙي شاگردياڻيون سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس سينٽرل لائبريري وٽ گڏ ٿي سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙو نامنظور، سنڌو درياهه تي ڪئنال نامنظور، سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جا فيصلو واپس وٺو جا نعرا هڻندي زيرو پوائنٽ کان انڊس هاءِ وي طرف ريلي ڪڍي ته پوليس جا وڏا اٽالا ڊي ايس پي ڪوٽڙي شاهنواز جوکيو، ۽ ايس ايڇ او ڄامشورو خير محمد ملاح جي اڳواڻي ۾ پهچي ويا، جن شاگردن کي گهيري ورتو، جنهن تي سوين شاگردن رڪاوٽون ٽوڙي انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي سامهون انڊس هاءِ وي تي طرف وڌيا ته پوليس سنڌ يونيورسٽي جي مک دروازي جا ايندڙ ويندڙ ٻئي در بند ڪري ڇڏيا، جنهن تان پوليس ۽ شاگردن ۾ چڪريون شروع ٿي ويون، جنهن تي ڇڪتاڻ سبب شاگرد مين گيٽ کولي انڊس هائي تائين پهچي ويا، جتي شاگردن ۽ شاگردياڻين ڌرڻو هڻي ٻنهي طرفن کان انڊس هاءِ وي بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي، شاگردن جي ريلي کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس اٽالا طلب ڪيا ويا، جنهن دوران ايس ايس پي ڄامشورو محمد صديق ڇانگا جي اڳواڻي ۾ پوليس ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين مٿان لٺ بازي به ڪئي آهي پر ان باوجود شاگردن ۽ شاگردياڻين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ پوليس شاگردن مٿان ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪري کين ڇڙو ڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پوليس جي شيلنگ ۽ لٺبازي ۾ڪيترائي شاگرد زخمي پڻ ٿيا، مڇريل شاگردن پوليس موبائل تي پٿراءُ ڪري ان جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا. پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪندي 15 کان وڌيڪ شاگردن کي گرفتار ڪري ورتو. ان موقعي تي شاگردن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه اسان جو جياپو آهي، اسان پنهنجي جياپي کي بچائڻ لاءِ نڪتا آهيون، اسان جو احتجاج پرامن آهي پر پوليس ونگاري بڻجي اسان جي پرامن احتجاج کي پهرين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان پرامن ڌرڻو هنيو ته اسان مٿان لٺبازي ڪئي وئي، جيڪو عمل آمريتي دور کي ورجائي ٿو. هنن چيو ته اسان جي پرامن احتجاج ۾ شاگردن کي ڪجهه به ٿيو ته ان جي ذميوار سنڌ يونيورسٽي انتظاميا هوندي. ٻئي طرف شاگردن ۽ پوليس وچ ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ ڄامشورو ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس سنڌ يونيورسٽي گهرائي وئي آهي، پوليس مختلف هنڌن تي چڙهايون ڪري لڳ ڀڳ 15 شاگردن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، شاگردن تي تشدد جي اطلاع تي ڄامشورو بار جا اڳواڻ واجد خاصخيلي، ذوالفقار ٿيٻو، حيدرآباد بار جا ڪيترائي وڪيل اڳواڻ  ۽ جسقم آريسر اڳواڻ عبدالفتاح چنا، ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ خدا بخش ٿيٻو، سنڌ سڀا شاگرد اڳواڻ غني الله چانڊيو، سنڌو امان چانڊيو، ثناءُ الله ۽ اڳواڻ توڙي ٻين تنظيمن جا اڳواڻ وڏي انگ ۾ پهچي ويا جن گرفتار شاگردن جي آزادي لاءِ ٻيهر احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو. جنهن کانپوءِ گرفتار ڪيل سمورن شاگردن کي ڄامشورو پوليس ڌرڻي واري هنڌ کڻي پهتي جنهن بعد شاگردن توڙي وڪيلن ۽ شاگردن ڌرڻو ختم ڪيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.