بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڌرڻا، شاهراهون چئن ڏينهن کان بند

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ چئن ڏينهن کان جاري ڌرڻن سبب صوبي جون ٽي اهم شاهراهون بند آهن، ڌرڻن سبب ڪوئيٽا-ڪراچي هاءِ وي ۽ ڪوئيٽا پنجگور هاءِ وي سوراب وٽ بند آهي، جڏهن ته ڪوئيٽا ۽ ايران جي سرحدي شهر تفتان کي ملائيندڙ هاءِ وي مستونگ ضلعي جي ڪرد گاپ وٽ بند آهي، جن هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويا آهن، اهي گذريل ڏينهن کان سخت سردي جي لپيٽ ۾ آهن، جنهن سبب انهن علائقن ۾ ڦاٿل عوام خاص ڪري گاڏين جي ڊرائيورن جون مشڪلاتون وڌي ويون آهن، سرپاره قبيلي سان تعلق رکندڙ 8 کان وڌيڪ ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪوئيٽا تفتان هاءِ وي کي ڪرد گپ وٽ بند ڪيو ويو آهي، وارثن موجب اهي ماڻهو مختلف وقتن تي مبينا طور گم ٿي ويا آهن، جڏهن ته خضدار جي علائقي زهري سان تعلق رکندڙ 9 ڄڻن جي مبينا جبري گمشدگي خلاف ڪوئيٽا-ڪراچي ۽ ڪوئيٽا پنجگور هاءِ ويز سوراب وٽ بند آهي، گم ماڻهن مان گهڻا هن سال گم ٿي ويا آهن، ڪوئيٽا ۾ 2 ڏينهن اڳ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ قائم ڪيل ڪيمپ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وائيس فار بلوچ مسنگ پرسنز جي سربراهه نصرالله بلوچ چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو حل نه ٿيڻ سبب گم ٿيل ماڻهن جا وارث مختلف علائقن ۾ شاهراهن تي احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن، ٻئي طرف بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته حڪومت هاءِ ويز سميت ڪنهن به هنڌ تي عوام جو احتجاج جو حق مڃڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن سبب عام ماڻهن کي تڪليف ٿي رهي آهي، ڪالهه اڱاري ڏينهن ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو معاملو شڪي آهي ۽ ان کي حڪومت خلاف پروپيگنڊا طور استعمال ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته انهن ڊپٽي ڪمشنرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي جيڪي هاءِ ويز جي سار سنڀال جي حوالي سان پنهنجون ذميواريون پوريون نه ٿا ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.