رمضان ۾ ٿڌ جي موٽ، برساتن جي اڳڪٿي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف حصن ۾ برساتن ۽ برفباري جو سلسلو جاري آهي.
پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ وقفي وقفي سان برسات ٿي رهي آهي، جڏهن ته جبلن تي برفباري سبب ٿڌ ۾ واڌارو ٿيو آهي.
پشاور ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موسم جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي.
دير، سوات، شانگلا، مانسهره، چترال، بونير ۽ ايبٽ آباد ۾ برسات ٿي سگهي ٿي.
مالم جبا ۾ 42 ملي ميٽر، ڪاڪول ۾ 40 ملي ميٽر ۽ بالاڪوت ۾ 38 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي، ان کانسواءِ مالم جبه ۾ 13 انچ ۽ ڪالام ۾ 6 انچ برفباري به ٿي آهي.
پنجاب جي اڪثر علائقن ۾ موسم سرد ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.
راولپنڊي، چڪوال، سيالڪوٽ ۽ ڀرپاسي ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات ٿي سگهي ٿي.
مري ۽ گليات ۾ برفباري سبب ٿڌ وڌي وئي آهي.
بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ ٿڌو رهڻ جي اڳڪٿي آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ موسم خشڪ رهندو.
مري ۽ گليات ۾ برفباري سبب ڪيترن ئي رستن تي ٽريفڪ متاثر ٿي آهيم ضلعي انتظاميا طرفان برف هٽائڻ جو ڪم جاري آهي.
گليات ۾ سياحن جي داخلا بند ڪئي وئي آهي ۽ ايبٽ آباد کان مري ويندڙ گاڏين کي واپس موڪليو پيو وڃي.
ٻئي پاسي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ موسم خوشگوار رهڻ جو امڪان آهي.
شهر ۾ هلڪي ٿڌ سان گڏ گرمي پد 32 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.
ايئر ڪوالٽي انڊيڪس موجب، ڪراچي دنيا جي گدلي ترين شهرن ۾ ڇهين نمبر تي اچي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.