چيمپيئنز ٽرافي جو ٻيو سيمي فائنل، پي سي بي کي وڏي مالي نقصان جو خدشو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيم جي چيمپيئنز ٽرافي مان ٻاهر ٿيڻ کانپوءِ ٽڪيٽن جي وڪري تي وڏو اثر پيو آهي، لاهور ۾ شيڊيول ٻئي سيمي فائنل جون ٽڪيٽون اڃا تائين وڪري لاءِ موجود آهن.
ٽڪيٽون وڪرو نه ٿيڻ سبب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي مالي نقصان جو خدشو آهي، ڪيترن ئي انڪلوزرن جون سوين ٽڪيٽون اڃا تائين آن لائين دستياب آهن.
عمران خان ۽ فضل محمود انڪلوزرن جون 887 ٽڪيٽون وڪرو لاءِ موجود آهن، جن جي ماليت هڪ ڪروڙ ڇهه لک 44 هزار رپيا ٻڌائي پئي وڃي.
رميز راجا ۽ سعيد انور انڪلوزرن جون 1187 ٽڪيٽون وڪرو نه ٿي سگهيون، جن جي مجموعي ماليت 83 لک 9 هزار رپيا آهي.
عبدالحفيظ ڪاردار، سرفراز نواز ۽ جاويد ميانداد انڪلوزرن جون 1032 ٽڪيٽن جي ماليت 46 لک 44 هزار رپيا ٿئي ٿي، جڏهن ته وڪرو نه ٿيندڙ سڀني ٽڪيٽن جي ڪُل ماليت ٻه ڪروڙ 41 لک 97 هزار رپيا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.