دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي پهرئين سيمي فائنل ۾ آسٽريليا، ڀارت کي 265 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو.
دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ آسٽريلوي ڪپتان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. آسٽريليا پهريان کيڏندي 49.3 اوورن ۾ 264 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
ڪپتان اسٽيو سمٿ 73 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي، جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر بيٽر اليڪس ڪيري 61، ٽريوس هيڊ 39 ۽ مارنس لبيوشين 29 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
ڀارت طرفان محمد شامي 3 وڪيٽون ورتيون، ورون چڪرورتي ۽ رويندرا جاڙيجا 2، 2، جڏهن ته اڪشر پيٽل ۽ هارديڪ پانڊيا هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
You might also like