عورتن جو عالمي ڏهاڙو سنڌو،زمينن ۽ ماحوليات تي ڌاڙي خلاف مزاحمت طور ملهائڻ جو اعلان

ڪراچي(رپورٽر) گهرن ۾ ڪم ڪندڙ مزدور عورتن جي تنظيم ” هوم بيسڊ ويمن ورڪرز فيڊريشن” طرفان 8 مارچ عورتن جي عالمي ڏينهن کي ” سنڌو درياهه، سنڌ جي زمينن ۽ ماحوليات تي ڌاڙي خلاف  طبقاتي مزاحمت” جي نعري هيٺ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان حوالي سان فيڊريشن جي اڳواڻ زھره خان ڪالهه منجهند جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ جي 5 هزار سالن جي تهذيب کي حڪمرانن تباهي جي طرف ڌڪي ڇڏيو آهي، ڪالاباغ ڊيم بعد هاڻي سنڌو درياهه مان 6 ڪينال کوٽڻ جي سازش شروع ڪئي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي قبضو ٿي رهيو آهي، جنهن جي سنڌ هر گهٽي روڊ رستي تي مزاحمت ٿي رهي  آهي ۽ سنڌ جون مزدور هاري عورتون سنڌ خلاف انهن منصوبن جي خاتمي لاءِ 8 مارچ عورتن جي عالمي ڏينهن کي سنڌو درياهه ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف اٿندڙ آوازن سان پنهنجو آواز ملائڻ لاءِ ان تاريخ تي سنڌ بواء اسڪائوٽ جي عمارت کان پاڪستان آرٽس ڪائونسل تائين هزارين مزدور هاري عورتن هڪ ريلي ڪڍنديون، ڇو ته سنڌو سڪڻ ۽ زمينن تي قبضن سان سنڌ جي هاري مزدور عورتون وڌيڪ متاثر ٿينديون. ان موقعي تي هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرپرسن اسد اقبال بٽ چيو ته سنڌو درياهه تي پهريون حق سنڌ جو آهي، سنڌ کي رڻ پٽ بڻائي پنجاب جي جرنيلن جي قبضي هيٺ آيل چولستان کي آباد ڪرڻ عالمي، ملڪي انساني حقن جي وڏي ڀڃڪڙي آهي، سموري ملڪ جا انساني حقن جا ڪارڪن ان خلاف سنڌ جي هر قسم جي مزاحمتي تحريڪ جي حمايت ڪندا، ليکڪ ۽ انساني حقن جي اڳواڻ ڊاڪٽر توصيف احمد چيو ته موسمياتي تبديليء اول ئي سنڌ کي ٻوڏن، برساتن ڪري تمام گهڻو نقصان ڏنو آهي ۽ هاڻي پنڊي اسلام آباد ويٺل حاڪم سنڌ جي درياھ مان زبردستي سان 6 ڪينال ڪڍي سنڌ کي سوڪهڙي جو شڪار بڻائڻ جي تيارين ۾ مصروف آهي، ڪوٽڙي کان هيٺ گهربل پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سنڌ جي ڊيلٽا کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي ۽ سمنڊ لکين زمين ڳڙڪائي چڪو آهي، ان سازش خلاف جنگ جاري رهندي، نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن جي  اڳواڻ ناصر منصور چيو ته سنڌ جي عوام جي ووٽن تي وفاق ۽ سنڌ جي پارليامينٽ ۾ ويٺل پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ مٿان هر پنجن ڏهن سالن ۾ هڪ نئين جنگ مڙهڻ ۾ برابر جي حصيدار  آهي، پريس ڪانفرنس ۾ سول سوسائٽي جي مختلف تنظيمن جي اڳواڻ عورتن فاطمه مجيد،حاني واحد بلوچ، ميمو نساء،سڀاڳي ڀيل،سائرہ فيروز ۽ ڪراچي بار ڪائونسل جي اڳواڻ عبدالرحمان ڪورائي، ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جي صدر طاهر حسن 8 مارچ عورتن جي عالمي ڏينهن کي سنڌو درياهه ۽ سنڌ جي زمينن جي تحفظ لاءِ هوم بيسڊ ويمن فيڊريشن جي ريلي جي مڪمل حمايت ڪندي ان ۾ شرڪت جو اعلان ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.