ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي پوليس پاران جڙتو مقابلي ۾ مارڻ واري هاءِ پروفائيل ڪيس ۾ شاهنواز ڪنڀر وٽان هٿ آيل 9 ايم ايم پسٽل ۽ گولين واري ڪيس کي ميرپورخاص جي سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريت 3 جي عدالت ڪوڙو قرار ڏيندي اڳوڻي ايس ايڇ او سنڌڙي نياز کوسو خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو هو، جنهن کي اڳوڻي ايس ايڇ او نياز کوسو سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي، سندس وڪيل افضل ڪريم عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جنهن تي عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر سميت ٻين لاڳاپيل ڌرين کي 17 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي، ٻي پاسي جاچ آفيسر ڊي ايس پي اسلم جاگيراڻي رابطي تي ٻڌايو ته ڪيس جي مڪمل جاچ ڪرڻ بعد رپورٽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪري ڪيس کي بي ڪلاس ڪرڻ جي استدعا ڪئي هئي، وري به سموري جاچ عدالت اڳيان رکي ويندي.