اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ خوراڪ واري وزارت جي عملدارن چيو آهي ته گهٽ برساتن سبب فصل متاثر ٿيندا، جڏهن ته ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته برساتون نه پوڻ سبب 15 کان 20 سيڪڙو پيداوار گهٽجڻ جو خدشو آهي. سينيٽ جي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس مسرور احسن جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي عملدارن گذريل سال 2024-25 جي منصوبن تي ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته زرعي شعبي جا منصوبا خانگي شعبي جي سهڪار سان مڪمل ڪيا ويندا، جڏهن ته ٽيوب ويل سولرائيزيشن جو منصوبو پاور وزارت حوالي ڪيو ويو آهي. بريفنگ ۾ هن چيو ته بلوچستان جي ٽيوب ويلن کي سولر ڪرڻ تي 14 ارب لاڳت ايندي، خوراڪ واري وزارت هن سال پي ايس ڊي پي جي 26 منصوبن لاءِ 9 ارب 82 ڪروڙ رپيا رکيا آهن، هن وقت تائين خوراڪ واري وزارت کي 3 ارب 49 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن. آفيسرن جو چوڻ هو ته اسان جي زرعي پيداوار دنيا جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي، گهٽ پيداوار جو سبب غير معياري ٻج ۽ موسمياتي تبديلي آهي. چيئرمين ڪميٽي چيو ته ڀارت دنيا ۾ اسان جي زرعي مارڪيٽ کي خراب ڪري رهيو آهي، سينيٽر دوست محمد سوال ڪيو ته گذريل 5 مهينن کان باراني علائقن ۾ برساتون نه پوڻ سبب فصلن تي ڪهڙا اثر پوندا؟ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي عملدارن جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان مختلف ماهرن جا مختلف رايا آهن، گهٽ برساتن سبب فصلن ۾ فرق پوندو، جڏهن ته ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته برساتون نه پوڻ سبب 15 کان 20 سيڪڙو فصل متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.