حيدرآباد/جهمپير (پ ر+ن ع آ) ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ طرفان جهمپير بائي پاس کان جهمپير شهر تائين احتجاجي ريلي ڪئي وئي.ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ لال جروار،عبدالقادر رانٽو، رزاق چانڊيو، مٺا خان لاشاري،شاهه محمد چانگ،بلاول لاشاري،غلام علي زئور،انور پالاري،امان الله بروهي،صدام چانگ ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته 14 مارچ درياهن کي بچائڻ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان سنڌو درياهه جي مختلف هنڌن لبي مهراڻ سکر، خيرپور_لاڙڪاڻو پل، دادو_مورو پل، المنظر ڄام شورو، دوله درياھ خان پل ٺٽو_سجاول ۾ سنڌو درياءَ جي ڪناري تي سنڌو کي گلن جي ڀيٽا پيش ڪري درياهه تي لڳندڙ ڌاڙن خلاف احتجاج ڪيو ويندو.هنن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ڪوهستان، ڪاڇي سميت سموري سنڌ ۾ قبضاگيري ڪئي پئي وڃي. ذوالفقار آباد، بحريا ٽائون، ڪمانڊر سٽي، ونڊ پاور پروجيڪٽ ڊي ايڇ اي سميت مختلف قبضاگيري ڪمپنين ۽ پروجيڪٽن لاءِ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن قبضو ڪيو پيو وڃي، مقامي ماڻهن کان زمينون ڦري ڪمپنين کي زمينون ڏئي سنڌين کي پنهنجي وطن ۾ ئي بي وطن ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته سنڌو درياهه تي ڌاڙو برداشت نه ڪبو، فيڪٽرين جو زهريلو مادو ۽ گٽر سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪري درياهه کي آلودو بڻايو ويو آهي. وفاقي سرڪار منڇر کي بحال ڪرڻ بدران حمل ڍنڍ کي به زهريلو بڻائڻ جي سازش ڪري رهي آهي. ڪڇي ڪئنال کان واهه کوٽي ان ذريعي ٻين صوبن جو غلاظت وارو پاڻي حمل ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرڻ وارو واپڊا جو فيصلو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته وفاقي سرڪار سنڌ کان مٺو پاڻي کسي سر سبز سنڌ کي گٽر نالو بڻائي رهي آهي، هنن چيو ته مراد علي شاهه ڪئنال ڪو نه ٺهندا جا بيان جاري ڪري سنڌي قوم جي جدوجهد کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو.