دبئي )ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 جو پهريون سيمي فائنل سڀاڻي ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ کيڏيو ويندو .
پهريون سيمي فائنل دبئي ۾ ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٿيندو، جيڪو پاڪستاني وقت موجب منجهند ٻِين وڳي شروع ٿيندو.
ٽورنامينٽ جو ٻيو سيمي فائنل 5 مارچ تي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ڏکڻ آفريڪا ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ کيڏيو ويندو.
سيمي فائنل کٽيندڙ ٽيمون 9 مارچ تي فائنل ۾ آمهون سامهون ٿينديون، جيڪڏهن ڀارت فائنل ۾ پهتو ته مقابلو دبئي ۾ ئي کيڏيو ويندو.
ٻئي پاسي چيمپيئنز ٽرافي جي ٻنهي سيمي فائنل ميچن جي ميچ آفيشلز جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پهرئين سيمي فائنل لاءِ نيوزيلينڊ جي ڪرس گيفني ۽ انگلينڊ جي رچرڊ النگورٿ کي امپائر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ميچ ريفري اينڊي پائيڪرافٽ هوندو.
لاهور ۾ شيڊيول ٻئي سيمي فائنل لاءِ سري لنڪا جو ڪمار ڌرماسينا ۽ آسٽريليا جي پال ريفل کي امپائر هوندا، جڏهن ته رنجن مدوگالي ميچ ريفري جون ذميواريون انجام ڏيندو.