لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم چيو آهي ته چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستان جي خراب ڪارڪردگي تي مايوسي ٿي، پي سي بي جي مستقبل جي فيصلن کي سپورٽ ڪرڻو پوندو.
صحافين سان ڳالهائيندي وسيم اڪرم چيو ته مان ٻڌي رهيو آهيان ٽيم ۾ نوان ڇوڪرا اچي رهيا آهن، اسان کي نون ڇوڪرن کي سپورٽ ڪرڻو پوندو ۽ صبر کان ڪم وٺڻو پوندو، نون رانديگرن کي هڪ سال سپورٽ ڪيو.
هن چيو ته 2026 لاءِ ڪهڙي ٽيم ٺاهڻي آهي، ان تي سوچڻو پوندو، چيمپيئنز ٽرافي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، گهڻو ٿيو، هاڻ رانديگرن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ ڇڏي ڏيو.
You might also like