پالتو ٻليءَ جي موت جو صدمو برداشت نه ڪري سگهندڙ عورت آپگهات ڪري ڇڏيو

لکنئو (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش جي ضلعي امروهه ۾ 32 ورهين جي عورت پنهنجي پالتو ٻلي جي موت جي صدمي ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو.
عورت جي سڃاڻپ بوجا طور ٿي، هن پنهنجي ٻلي جو لاش ان اميد تي ٻه ڏينهن پاڻ وٽ رکيو ته اها جيئري ٿي ويندي پر ائين نه ٿيو ۽ هوءَ اهو نقصان برداشت نه ڪري سگهي ته پنهنجي گهر اندر ڦاهو کائي ڇڏيائين.
رپورٽن موجب پوجا امروهه جي علائقي حسن پور جي رهواسڻ هئي، 8 سال اڳ سندس شادي دهلي ۾ ٿي هئي پر ٻن سالن کانپوءِ ئي طلاق ٿي وئي هئي، جنهن کانپوءِ هوءَ پنهنجي ماءُ سان گڏ رهڻ لڳا.
گهر ڀاتين موجب پوجا کي پنهنجي ٻلي سان تمام گهڻو لڳاءُ هو ۽ ان جي بنا زندگي جو تصور ئي نه ڪندي هئي، هو اڪيلائي ختم ڪرڻ لاءِ ان ٻلي جو سهارو وٺندي هئي ۽ سندس زندگي ان ئي پالتو جانور جي چوڌاري گهمندي هئي پر خميس تي ٻلي مري وئي.
جڏهن ماءُ پوجا کي ٻلي دفنائڻ جو چيو ته هن انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اسرار ڪندي رهي ته ٻلي جيئري ٿي ويندي.
ڇنڇر ڏينهن پوجا پاڻ کي گهر جي ٽين ماڙ جي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو، جڏهن ماءُ کيس ڏسڻ وئي ته هوءَ پکي ۾ ٽنگيل هئي، جڏهن ته مئل ٻلي به ڀرسان پيل هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.