قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز تي آپگهاتي حملو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 4 زخمي

قلات (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ آپگهاتي حملي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.
ڊي سي قلات موجب مغل زئي علائقي ۾ روڊ ڪناري آپگهاتي ڌماڪو ان وقت ٿيو، جڏهن سيڪيورٽي فورسز جون گاڏيون اتان گذري رهيون هيون.
ڌماڪي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 4 زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال نيو ويو، جن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.
هوڏانهن وڏي وزير سرفراز بگٽي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته دهشتگرد اهڙين بزدلاڻين ڪارروائين سان امن ۽ استحڪام کي متاثر نٿا ڪري سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.