اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اسان رياست لاءِ پنهنجي سياست قربان ڪري ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪي مفاد ۾ فيصلا ڪيا ويا، سڀاڻي وزيراعظم سموريون حقيقتون قوم سامهون رکندو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڪجهه شيون سياست کان مٿي هونديون آهن، اسان رياست لاءِ پنهنجي سياست قربان ڪري ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪي مفاد ۾ فيصلا ڪيا ويا.
هن چيو ته اڄ مهانگائي 1.5 سيڪڙو جي گهٽ ترين سطح تي اچي چڪي آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ بهتري اچي رهي آهي، ماڻهن کي ڀڃ ڊاهه جي سياست ۾ دلچسپي ناهي، سڀاڻي وزيراعظم سموريون حقيقتون قوم سامهون رکندو.
You might also like