ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪالهه به هڪ شهري ڊمپر هيٺان اچي حياتي وڃائي ويٺو، ڪراچي وارا سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس به ڏين ۽ مار به کائين، مون کي ايترو مجبور نه ڪيو وڃي جو عوام کي حفاظت لاءِ هٿيار کڻڻ جو چوان.
گورنر هائوس ڪراچي ۾ عام ماڻهن کي ڏنل افطار ڊنر جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪامران ٽيسوري چيو ته شهري گيس لاءِ سِڪي رهيا آهن، سحري ۽ افطاري مهل گيس جي گهٽ دٻاءَ سبب رڌ بچاءَ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، وڏو وزير معاملي جو نوٽيس وٺي.
هن ٽينڪر مافيا خلاف جذباتي ٿيندي چيو ته مان آءِ جي ٽريفڪ کي گهرائي کيس قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي هئي، چيف جسٽس کي به اپيل ڪئي ته معاملي کي ڏسي پر ڪالهه به ڪراچي جو هڪ شهري ڊمپر هيٺان اچي حياتي وڃائي ويٺوم اهو ڪنهن به صورت ۾ برداشت جوڳو ناهي، حڪومت ان معاملي تي ڪارروائي ڪري، ٻي صورت ۾ عوام کي گورنر هائوس گهرائي راءِ وٺندس ته مون کي گورنر طور ڇا ڪرڻ گهرجي.
ڪامران ٽيسوري ڪجهه ڏينهن اڳ بلوچستان جي بااثر شخصيت سان واسطو رکندڙ شخص طرفان هڪ ڪار سوار تي تشدد جي وائرل وڊيو جو به ذڪر ڪيو ۽ جذباتي ٿيندي چيو ته ڪراچي وارا ئي سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏين ۽ مار به کائين، اهو برادشت نه ڪيو ويندو، ڇا توهان چاهيو ٿا مان عوام کي حفاظت لاءِ هٿيار کڻڻ جو چوان، مون کي مجبور نه ڪيو وڃي.
پنهنجي خطاب ۾ گورنر هر هر چئي رهيو هو ته ڪراچي ننڌڻڪو ناهي ۽ اسان ڪنهن به صورت ۾ اهڙن معاملن کي برداشت نه ڪنداسين، جيڪڏهن ڪنهن به بااثر شخصيت ڀلي اهو ايم اين اي، ايم پي اي جو پٽ يا مائٽ هجي، ڪنهن شهري تي تشدد ڪري ته متاثر شهري گورنر هائوس اچي، خدا جو قسم مان پاڻ جوابدار تائين پهچندس.
افطار ڊنر ۾ هزارين شهرين شرڪت ڪئي، گورنر عوام سان مليو، ماڻهن گورنر سان گڏ تصويرون به ڪڍرايون ۽ سندس قدمن جي تعريف ڪئي.
ان موقعي تي ڪڻا به ڪڍيا ويا ۽ سکر سان واسطو رکندڙ هڪ نوجوان جو پلاٽ نڪتو.
ايترو مجبور نه ڪيو وڃي جو عوام کي حفاظت لاءِ هٿيار کڻڻ جو چئي ڇڏيان: ڪامران ٽيسوري
You might also like