فيبروري ۾ مهانگائي جي شرح گهٽجي 1.52 سيڪڙو تي اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيبروري ۾ مهانگائي جي شرح وڌيڪ گهٽجي 1.52 سيڪڙو تي اچي وئي.
ڳڻپ کاتي موجب جنوري 2025 ۾ مهانگائي جي شرح 2.41 سيڪڙو هئي، جنوري جي ڀيٽ ۾ فيبروري ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 0.83 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي.
ڳڻپ کاتي طرفان چيو ويو آهي ته ناڻي واري وزارت فيبروري لاءِ مهانگائي 2 کان 3 سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جو اندازو لڳايو هو پر ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ناڻي واري وزارت جي اميدن کان به ڪجهه گهٽ ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.