چار مارچ تي پيٽرول پمپ بند هوندا يا نه؟ اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سان ڳالهين کانپوءِ پيٽروليم ڊيلرز چار مارچ تي اعلانيل هڙتال جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو.
پيٽروليم واري وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن جون ڳالهيون ٿيون، ان موقعي تي چيئرمين اوگرا ۽ پيٽروليم وزارت جا عملدار پڻ موجود هئا.
ذريعن موجب، پيٽروليم ڊيلرز طرفان پيٽروليم شين جي قيمتن کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جي تجويز جي مخالفت ڪئي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم سيڪٽر جي ڊي ريگيوليشن واري عمل ۾ ڊيلرز ايسوسيئيشن کان مڪمل راءِ ورتي ويندي.
ياد رهي ته پيٽروليم واري وزير تيل جي اگهن جي ڊي ريگيوليشن جو اعلان ڪيو هو.
ٻئي پاسي پيٽروليم ڊيلرز جي ترجمان موجب، ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان ڳالهين کانپوءِ ڊيلرز چار مارچ تي اعلانيل هڙتال جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.