تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي نائب صدر جواد ظريف پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، نائب صدر جواد ظريف جي استعيفيٰ صدر مسعود پزشڪيان کي ملي وئي، سندس استعيفيٰ بابت اڃا تائين ڪو به فيصلو نه ڪيو ويو آهي.
نائب صدر عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ جواد ظريف چيو ته هن ۽ سندس ڪٽنب کي سخت اختلاف، ڌمڪين ۽ توهين جو منهن ڏيڻو پيو.
سندس چوڻ هوته عداليا جي سربراهه استعيفيٰ ڏيڻ جي صلاح ڏني جنهن تي عمل ڪيو.
واضح رهي ته جواد ظريف ان کان اڳ حسن روحاني جي حڪومت ۾ پرڏيهي وزير طور ڪم ڪري چڪو آهي ۽ ايراني جي عالمي طاقتن سان ٿيل جوهري معاهدي ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو هو.