دبئي (ويب ڊيسڪ(انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) چيمپيئنز ٽرافي جي ٻنهي سيمي فائنل ميچن جي ميچ آفيشلز جو اعلان ڪري ڇڏيو.
دبئي ۾ پهريون سيمي فائنل سڀاڻي ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ کيڏيو ويندو، جنهن لاءِ نيوزيلينڊ جي ڪرس گيفني ۽ انگلينڊ جي رچرڊ النگورٿ کي امپائر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ميچ ريفري اينڊي پائيڪرافٽ هوندو.
لاهور ۾ ٻيو سيمي فائنل 5 مارچ تي نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ کيڏيو ويندو.
ان ميچ لاءِ سري لنڪا جي ڪمار ڌرماسينا ۽ آسٽريليا جي پال ريفل کي امپائر هوندا، جڏهن ته رنجن مدوگالي ميچ ريفري جون ذميواريون انجام ڏيندو
You might also like