اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين لاءِ وفد اسلام آباد پهچي ويو.
ذريعن موجب، ناڻي واري سيڪريٽري جي سربراهيءَ ۾ وفد آءِ ايم ايف وفد جي عملدارن سان ملاقات ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهين جو سلسلو ٻن هفتن تائين جاري رهندو، آءِ ايم ايف وفد جي اڳواڻي ناٿن پورٽر ڪندو، جڏهن ته ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب پاليسي ليول ڳالهين ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو.
ذريعن موجب، آءِ ايم ايف وفد ناڻي وزارت، ايف بي آر، پاور ڊويزن ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي عملدارن سان به ملاقاتون ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان 7 ارب ڊالرز جي قرض پروگرام جي شرطن تي عملدرآمد بابت رپورٽ پيش ڪندو.
ان دوران هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي بابت ڪارڪردگي رپورٽ آءِ ايم ايف کي پيش ڪئي ويندي ۽ زرعي آمدنيءَ تي ٽيڪس بابت به بريفنگ ڏني ويندي.
ذريعن موجب، آءِ ايم ايف کي ملڪ ۾ پراپرٽي سيڪٽر تي لاڳو ٽيڪسن بابت آگاهي ڏني ويندي، جڏهن ته ريٽيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي شرطن تي عملدرآمد بابت رپورٽ پڻ پيش ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهين کانپوءِ آءِ ايم ايف وفد پاڪستان لاءِ هڪ ڏهائي هڪ ارب ڊالر جاري ڪرڻ بابت پنهنجيون سفارشون تيار ڪندو.
You might also like