سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ مارجي ويل افغان شهري ملٽري ڪمانڊر نڪتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث هڪ وڌيڪ افغان شهري جي نشاندهي ٿي وئي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، 28 فيبروري تي غلام خان ڪلي ۾ فورسز جي ڪارروائي دوران 14 دهشتگرد مارجي ويا، جن ۾ افغان شهري پڻ شامل هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل افغان دهشتگرد جي سڃاڻپ مجيب الرحمان عرف منصور ولد مرزا خان جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو افغانستان جي ميدان صوبي جي چڪ ضلعي جي ڳوٺ دندار جو رهواسي هو.
ان کان اڳ 30 جنوري تي به پاڪستاني فورسز جي آپريشن دوران افغان دهشتگرد بدر الدين ولد مولوي غلام محمد ڊي آءِ خان ۾ مارجي ويو هو.
بدر الدين افغان فوج ۾ ليفٽيننٽ ۽ باغديس صوبي جي ڊپٽي گورنر جو پٽ هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.