ڀارت خلاف سيمي فائنل کان اڳ آسٽريليا کي جهٽڪو، اهم اوپنر ٽورنامينٽ مان ٻاهر

دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي سيمي فائنل کان اڳ آسٽريليا کي وڏو جهٽڪو لڳي ويو، اوپنر ميٿيو شارٽ انجري سبب ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
آسٽريلوي اوپنر افغانستان خلاف ميچ دوران گوڏي جي انجري جو شڪار ٿيو هو، جنهن سبب هاڻي هو ميگا ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويو آهي.
ميٿيو شارٽ جي جاءِ تي ڪوپر ڪونولي کي آسٽريلوي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
آءِ سي سي جي ايونٽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي آسٽريلوي اسڪواڊ ۾ تبديلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
واضح رهي ته آسٽريليا 4 مارچ تي ڀارت خلاف چيمپيئنز ٽرافي جي پهرئين سيمي فائنل ۾ دبئي ۾ ميدان تي لهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.