مصطفيٰ قتل ڪيس: ارمغان جي ڪارروائي جي طريقي جا سڀ تفصيل پڌرا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) مصطفيٰ عامر اغوا ۽ قتل ڪيس بابت تفصيل سامهون اچي ويا.
جاچ رپورٽ موجب، قتل ڪيس جو مک جوابدار ارمغان قريشي خيابان مومن واري بنگلي ۾ ڪال سينٽر هلائيندو هو، جتي 30 کان 40 ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڪم ڪندا هئا.
رپورٽ موجب، ارمغان بنگلي ۾ غير قانوني طور تي شينهن جا ٽي ٻچا به پاليا هئا، جڏهن ته سيڪيورٽي لاءِ 30 کان 35 گارڊ پڻ موجود هوندا هئا.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2019ع ۾ ڪسٽم اختيارين ارمغان خلاف منشيات گهرائڻ تي ڪيس داخل ڪيو، پر بعد هو ضمانت تي آزاد ٿي ويو هو، ان کانسواءِ مٿس ڪلفٽن، درخشان، گزري ۽ بوٽ بيسن ٿاڻن تي به مختلف ڪيس داخل ٿيا.
رپورٽ موجب، جوابدار ارمغان جي ماهوار آمدني ڪروڙين رپيا هئي، هو پاڻ به منشيات واپرائيندو هو.
جاچ رپورٽ موجب، ارمغان 31 ڊسمبر تي پنهنجي بنگلي تي نيو ايئر پارٽي رکي هئي، جتي سندس دوست شيراز به شرڪت ڪئي، جڏهن ته مصطفىٰ عامر پارٽي ۾ نه آيو.
پارٽي کان اڳ هڪ ڇوڪري ارمغان وٽ آئي، ڳالهه ٻولهه دوران ڏند چڪ کانپوءِ ڇوڪري واپس هلي وئي، ٻئي ڏينهن ارمغان ۽ مصطفىٰ وچ ۾ ذاتي مسئلن تي جهيڙو ٿيو .
رپورٽ موجب، 5 جنوري تي ارمغان ساڳي ڇوڪريءَ کي شيراز جي بنگلي تي گهرايو، جتي ڇوڪريءَ کي لوهي راڊ سان مارڪٽ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، ان کانپوءِ هن کيس آن لائن ٽيڪسي ذريعي اسپتال وڃڻ لاءِ چيو ۽ ڇوڪريءَ کي گولي ڏيکاري قانوني ڪارروائي کان منع ڪيو.
رپورٽ موجب، 6 جنوري تي ارمغان ۽ شيراز کي بنگلي تي سڏائي نشو ڪيو، ڇهه جنوريءَ جي ئي رات 9 وڳي مصطفىٰ عامر به بنگلي تي پهتو، جتي ارمغان سان سندس ٻيهر جهيڙو ٿيو.
ارمغان کيس لوهي راڊ وهائي ڪڍي، پوءِ اڇي چادر سان سندس هٿ پير ٻڌي کيس ڏاڪڻن تان گهيلي هيٺ آندو، جڏهن ته نوڪرن کي ڪمري ۾ موجود رت جا نشان صاف ڪرڻ جو چيو.
جاچ رپورٽ ڄاڻايو ويو آهي ته مصطفيٰ جي گاڏي ارمغان جي بنگلي جي پارڪنگ ۾ موجود هئي، جوابدار ارمغان ۽ سندس ساٿين مقتول کي گاڏي جي ڊگي ۾ وجهي حب وٺي ويا، مصطفيٰ جا ڪپڙا، موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ ڊيوائس ارمغان پاڻ وٽ رکي ڇڏي، مقتول جي گاڏي ۾ تيل نه هئڻ تي ارمغان بنگلي مان پيٽرول جي ٽينڪ کنيو، جوابدار مصطفيٰ جي فون ۽ ٻيو سامان رستي ۾ اُڇلائيندا رهيا، جوابدار رات ساڍي چئن وڳي حب پهتا ۽ گاڏي تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.
رپورٽ موجب، قتل کانپوءِ ارمغان ۽ شيراز حب مان ڪراچيءَ لاءِ پنڌ نڪتا، جوابدارن نيرن لاءِ هڪ هوٽل تي ترسيا، هوٽل واري ارمغان وٽ هٿيار ڏٺا ته جوابدار هوٽل مان نڪري ويا، اڍائي ٽي ڪلاڪ پند ڪرڻ کانپوءِ مختلف گاڏين ۾ لفٽ وٺي واپس ڪراچي پهتا، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ مصطفى جي ماءُ ارمغان کان پڇا ڪئي، جنهن تي هن چيو ته مقتول نعمان نالي دوست سان ملڻ ويو هو، شڪ وڌڻ تي ارمغان ۽ شيراز اسلام آباد هليا ويا.
جاچ رپورٽ موجب، پوليس جڏهن ارمغان جي بنگلي تي ڇاپو هنيو ته هو سي سي ٽي وي فوٽيج مان پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي، ڊگهي مقابلي کانپوءِ، پوليس کيس گرفتار ڪيو ۽ وڏي مقدار ۾ هٿيار هٿ ڪيا.
ارمغان تي داخل ڪيسن جا تفصيل
جاچ موجب، ارمغان تي 11 ڪيس داخل آهن، جن مان 2 ڪيسن ۾ هو ٺاهه ڪري چڪو آهي، مختلف ٿاڻن تي سندس خلاف ڌمڪيون ڏيڻ، فائرنگ، ٺڳي، منشيات سمگلنگ، غير قانوني هٿيار رکڻ ۽ پوليس سان مقابلي جا ڪيس داخل ٿيل آهن.
عدالت ارمغان کي 15 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي، جتي سندس خلاف موجود سمورا ڪيس پيش ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.