نيويارڪ(رضا رومي) معاشي ماهر ڊاڪٽر اڪرام الحق چيو آهي ته معاشي بحران سبب نئين اين ايف سي ايوارڊ جو اعلان نه ٿي سگهيو، ٽيڪس اوڳاڙي جا مسئلا رڳو مالي نه پر آئيني به آهن،آءِ ايم ايف سان صوبن جي رضامندي سان ڪيل معاهدي جو ڊرافٽ به منظرعام تي ناهي آندو ويو ،هن چيو ته آءِ ايم ايف جو زور هو ته زرعي ٽيڪس لڳايو،هاڻي صوبا سوچي رهيا آهن ته اهو ٽيڪس اسان ڪيئن گڏ ڪريون،سنڌ ان ٽيڪس جي حوالي سان مزاحمت به ڪئي هئي،اسيمبلين ۾ جاگيردارن جي اڪثريت آهي،اڃا به انهن جو ارادو زرعي ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو نٿو لڳي،ڪنهن به صوبي پورٽل ناهي لڳايو،پر آءِ ايم ايف ته زور لڳائيندي،اها ان ۾ ڪا به رعايت نه ڏيندي،هن چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ اهو طئي ڪيو ويو هو ته اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو ڪڏهن به گهٽ نه ٿيندو،وفاق به پنهنجا خرچ گهٽائڻ لاءِ تيار ناهي، تازو ئي ان ڪابينا ۾ وڏي واڌ به ڪري ڇڏي آهي،وفاق کاتا گهٽائڻ لاءِ به تيار ناهي،ڀارت،سوئٽزرلينڊ،ڪئناڊا ۾ وفاقي وزيرن جو انگ گهٽ آهي،هن چيو ته ملڪ ۾ استحڪام اڃا تائين ناهي آيو،ٽيڪسن بابت آئيني مسئلا برقرار آهن،هن چيو ته هاڻي پگهاردار طبقي به ٽيڪسن جي بار سبب آواز اٿارڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي،اتحاد ٺهي رهيا آهن،انهن جي پگهار به نه پئي وڌي،پي ڊي ايم سرڪار قرض وٺڻ جي رفتار تيز ڪري ڇڏي آهي،انهن مان 57.2 سيڪڙو صوبن وٽ هليو وڃي ٿو انهن وٽ وياج جي ادائيگي لاءِ به پئسو نٿو بچي،گذريل سال ته انهن وٽ وياج جي ادائگي لاءِ 57 ارب رپين جي کوٽ ٿي پئي جيڪي انهن صوبن کان قرض طور ورتا،هن چيو ته اسان جي پينشن جو خرچ ئي رڳو هڪ ٽريلين رپيا ٿي چڪو آهي،رياست اهو نٿو ٻڌائي ته اسان قرضن تي هلي رهيا آهيون،دفاع به قرضن تي هلائينداسين ته قومي سلامتي به خطري ۾ اچي وڃي ٿي،رياست جي ساک به نظرن ۾ اچي وڃي ٿي،ٽيڪسيشن لاءِ عوام جي چونڊيل پارليامينٽ جو هجڻ ضروري آهي،هن چيو ته اسان جو ٽيڪس گڏ ڪرڻ وارو ڍانچو ئي خراب آهي،ايف بي آر ٿاڻو ڪلچر بڻجي چڪي آهي،ايف بي آر کي ختم ڪري اسان ٽيڪس گڏ ڪرڻ لاءِ نئين ايجنسي ٺاهيون،معاشي ماهر هارون خواجا چيو ته ايف بي آر پاران سڌارن بعد 60 لک ماڻهن ريٽرن فائل ڪيا آهن پر انهن مان 45 سيڪڙو ماڻهن زيرو فائلنگ ڪئي آهي،فيبروري تائين ايف بي آر ساڍا چار سئو ارب رپين جي اوڳاڙي گهٽ ڪئي آهي،
پگهار دار طبقي تي ٽيڪس مان 265 ارب رپيا اوڳاڙي
اسلام آباد (م ڊ) سال 2024-25 جي 6 مهينن (جولاءِ کان ڊسمبر) دوران پگهار دار طبقو ودهولڊنگ ٽيڪس جي مد ۾ سڀ کان وڏو حصيدار بڻجي ويو جنهن 265.745 ارب رپيا ادا ڪيا. اها رقم گذريل مالي سال جي ان ئي عرصي جي ڀيٽ ۾ 59.2 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ايف بي آر جي انگن اکرن موجب ڪنٽريڪٽ مان ودهولڊنگ ٽيڪس 299.267 ارب رهيو جيڪو 25.2 سيڪڙو وڌيڪ آهي. بينڪ منافعي ۽ سڪيورٽي تي انڪم ٽيڪس مان 255.352 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪيو ويو جيڪو 16.2 سيڪڙو وڌيڪ آهي. درآمد تي ٽيڪس 203 ارب رپيا رهيو جيڪو 7.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ڊيوينڊنڊ تي 88.230 ارب رپيا 55.1 سيڪڙو واڌ آهن ۽ بجلي بلن تي 84.788 ارب رپيا ٽيڪس ۾ 23.1 سيڪڙو واڌ ظاهر ٿي.
ٽيڪس بابت ڪيس التوا هيٺ هجڻ سبب 4457 ارب ڦاٿل
اسلام آباد (م ڊ) عدالتن ۾ هڪ لک 8 هزار کان مٿي ڪيس التوا ۾ هجڻ سبب اربين رپيا ٽيڪس آمدني ڦاٿ آهي، ڪل 4457 ارب رپيا اعليٰ عدالتن ۾ ڦاٿل آهن، جنهن جي ڪري معاشي استحڪام متاثر ٿئي ٿو. اهڙو انڪشاف 7 نومبر 2024 تي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي صدرت هيٺ اجلاس کانپوءِ سامهون آيو. اجلاس کانپوءِ سفارشن لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي هئي. سرڪاري ذريعن موجب سپريم ڪورٽ ۾ ٽيڪس بابت 6 هزار ڪيس التوا ۾ آهن، جن ۾ اربين رپين جون امڪاني اوڳاڙيون شامل آهن.