لکي غلام شاهه/خيرپو/ پريالو/ پيرجوڳوٺ (رپورٽ: نديم جان مهر+ مختيار ڦلپوٽو+ صوبل اوڍو +وسيم سنڌي) لکي غلام شاهه لڳ خيرپور جي سولنگي ناريجا تڪرار جو نبيرو ٿي ويو، ڌرين مٿان 2 ڪروڙ 44 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو. لکي غلام شاهه لڳ مهر هائوس وزير آباد اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش خان مھر جي سرپئنچي ۾ سولنگين ۽ ناريجن ۾ تڪرار جو نبيرو ڪيو ويو. نبيري ۾ ناريجا ڌر ڏانهن فدا حسين ڄامڙو ۽ غلام شبير گهمرو جڏهن ته سولنگي ڌر پاران اعجاز خان ٻگهيو ۽ مقصود احمد خشڪ مشير طور ويٺا. ناريجا ڌر جي صاحب خان ناريجو ۽ ايڊوڪيٽ علي داد ناريجو بيان ڪيا جڏهن ته سولنگي ڌر جي ڊي ايس پي سنڌ پوليس امداد علي سولنگي بيان ڪيو نبيري جي سرپئنچ ٻنهي ڌرين جا بيان ٻڌڻ بعد نبيري جي سرپئنچ سردارغوث بخش خان مهر . فيصلي ۾ امين طور ويٺل سردار معظم خان عباسي ۽ سردار اشرف خان سولنگي ۽ ٻنهي ڌرين جا ڄاڻايل مشيرن گڏجي فيصلي جي فتوا ٺاهي. ٻنهي ڌرين مٿان خون ثابت ٿيڻ تي مجموعي طورتي 2 ڪروڙ 44 لک روپيه ڏنڊ مقرر ڪيا ويا، في خون بها 25 لک رپيا مقررڪيا ويا. سولنگي برادري جا پنج خون 4 زخمي ٽوٽل هڪ ڪروڙ 44 لک ۽ ناريجا ڌر جا 4 خون هڪ ڪروڙ رپيا مقرر ڪيا ويا. جنهن ۾ سولنگي ڌر جي پنج خونن جا هڪ ڪروڙ پنجويهه لک چئن زخمين جا 19 لک جڏهن ته ناريجا ڌر جي چئن مقتولن جا هڪ ڪروڙ رکيو ويو فيصلي ۾ ٻئي نقصان جي ڪاٿي لاء ڪاميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ناريجا ڌر جو هڪ خون سولنگي ڌر مڃڻ کان انڪار ڪيو جنهن جي ثابت ڪرڻ لاءِ ناريجن کي ڇهن مهينن جي مهلت ڏئي وئي آهي ته هو ثابت ڪن ٻي صورت سولنگي ڌر کي ساک ڏيئي صاف ڪيو ويندو. ڌرين فتويٰ قبول ڪندي دعا وقت 7 لک رپيا جمع ڪيا ويا، سولنگي ڌر پنج لک ۽ ناريجا ڌر ٻه لک رپيا جمع ڪرائي ڇڏيا فيصلي ۾ اهو پڻ لکيو ويو ته اڳرائي ڪندڙ ڌر مٿان 50 لک رپيا ڏنڊ مقرر هوندو.