بدين(رپورٽ:رازق ڏنو کوسو) پيپلزپارٽي صوبي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته پيپلزپارٽي ڪئنال ڪڏهن به ٺاهڻ نه ڏيندي، بدين ضلعو پيپلزپارٽي جو ئي قلعو آهي بدين جا ڪيترائي روڊ ٺهيا آهن، بدين ۾ شهيد بينظير ڀٽو چوڪ جو افتتاح ڪرڻ وقت صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ٿرڪول روڊ بهتر ٺهيو آهي گذريل نگران حڪومت سنڌ جا فنڊ روڪي ڇڏيا هئا جنهن ڪري ڪافي ڪم ٿي نه سگهيا آهن هن چيو ته وفاقي حڪومت جي ڪئنالن واري منصوبي کي پيپلزپارٽي رد ڪيو آهي پيپلزپارٽي ئي ڪالا باغ ڊيم کي رد ڪيو هو هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو چوڪ ڪافي وقت اڳ ۾ ٺهڻ گهرجي ها ان موقعي پيپلزپارٽي ضلع صدر ڄام علي اصغر هاليپوٽو سميت ڪيترن ئي پيپلز پارٽي اڳواڻن شرڪت ڪئي