اسلام آباد/لاهور (م ڊ) پاڻي معاملن جي ماهر ڊاڪٽر حسن عباس چيو آهي ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي تي سنڌ جا خدشا حقيقت تي به ٻڌل آهن. هن واضح ڪيو ته رڻ ۾ ڪئنال جو هلي سگهڻ ناممڪن آهي، ڇو ته اتان جي زمين قدرتي طور تي هموار ناهي. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڊاڪٽر حسن عباس چيو ته 21هين صدي ۾ اوهان اهو سوچي ڪئنال ٺاهيو ته اوهان جو رڻ سرسبز ٿي ويندو ته اوهان کي ٻيهر سوچڻ گهرجي. انگريزن جيڪي ڪئنال ٺاهيا، اهي قدرتي طور هموار علائقن ۾ ٺهيل هجڻ سبب اڃا تائين ڪارگر آهن، جڏهن ته چولستان جي اڻ برابري واري زمين تي پاڻي پهچڻ جو امڪان ناهي. چولستان ۾ جنهن زمين تي ڪم ٿيو آهي اتي ٿورا گهڻا جيڪي کوهه ٺاهي ويا آهن انهن مان ڪا ساوڪ نظر نٿي اچي. جر جو مٺو پاڻي محدود آهي، ۽ جيڪڏهن کارو پاڻي نڪرڻ شروع ٿيو ته واٽر لاگنگ ۽ زمين جي تباهي جو امڪان وڌي ويندو. ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ به ڪئنال ڪارگر ناهن، جيڪڏهن اهو چئو ٿا ته ڪئنالن کي هڪ هنڌ روڪينداسين، مٽي هيٺ لهي ويندي ته صاف پاڻي کنيو ويندو ته ان لاءِ اوهان کي وڏا وڏا پانڊ ٺاهڻا پوندا، گهٽ ۾ گهٽ هڪ پونڊ ٺاهي پاڻي 3 ڏينهن روڪڻو پوندو. رڻ جي گرمي ۾ ڪئنال جي پاڻي ۾ ايتري گدلاڻ آهي جو ٻئي ڏينهن تائين انهن تي تهه ڄمي ويندا آهن. ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ پريشر وارا سسٽم گهربل هوندا آهن، جڏهن ته ڪئنال جي پاڻي ۾ واري ۽ مٽي هوندي آهي، گدلو پاڻي پمپن ۽ نوزلز کي خراب ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن پاني کي فلٽر ڪرڻ لاءِ وڏا پانڊ ٺاهڻا پيا، ته خرچ آسمان کي ڇهي ويندو. اوهان ڪئنال جي پاڻي تي سڌي ريت زرعي نظام ۾ نٿا هلائي سگهو. ڪئنالن جو پاڻي زمين ۾ سيپ ڪندو آهي جيتري خرچ سان ڪئنال ٺاهيا پيا وڃن، اوتري ئي خرچ سان ڊرينج سسٽم به ٺاهڻو پوندو. ان سان اها شئي اڳتي هلي سگهي ٿي. اهو معاملو "گرين پاڪستان” به بحث هيٺ اچي چڪو آهي. ڪئنال جو منصوبو نه رڳو مهانگو پر ناممڪن آهي. رڻ ۾ ڪئنالن جي ناڪامي جا مثال اڳ به موجود آهن، ڀارت جي راجستان ۾ ٽن درياهن جو رخ موڙڻ باوجود رڻ ساڳيو غير آباد آهي. ائين ناهي ته رڻ ۾ زراعت نٿي ٿي سگهي پر پاڻي جو معيار ۽ مقدار اهم آهي. جيستائين صحيح معيار ۽ مقدار ناهي ته اهو ممڪن ناهي. اوهان وٽ رڳو ڪئنالن جو ذريعو نه ٻيا ذريعا به آهن. درياهه ۾ ويٺل واري اونهي آهي پر ان ۾ مٺو پاڻي آهي. واري ۾ 34 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي رڳو ستلج جي هيٺان آهي 110 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي انڊس جي هيٺان آهي. ڪئنال بدران پائپ ۽ پمپ سسٽم وڌيڪ ڪارگر ٿي سگهي ٿو.هن چيو ته وچ اوڀر ۾ وڏيون وڏيون شاهراهون ٺهيل آهن پر انهن تي به واري اچي وڃي ٿي،ان جي مينٽيننس لاءِ وڏي رقم خرچ ڪئي وڃي ٿي،