ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا وديا بالن سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ اي آءِ تيار ڪيل جعلي وڊيوز تي سخت ردعمل ڏنو آهي.
انسٽاگرام تي جاري ڪيل بيان ۾ هن واضح ڪيو ته انهن وڊيوز جو هن سان ڪو واسطو ناهي ۽ هوءَ اهڙن خيالن جي نمائندگي نٿي ڪري.
وديا بالن چيو ته سوشل ميڊيا ۽ واٽس ايپ تي ڪجهه وڊيوز گردش ڪري رهيون آهن، جيڪي ظاهري طور هن سان جوڙيون پيون وڃن، پر حقيقت ۾ اهي هٿرادو ذهانت جي مدد سان تيار ڪيل جعلي وڊيوز آهن.
هن وڌيڪ چيو ته انهن وڊيوز جو وائرل ٿيڻ سندس وس ۾ ناهي ۽ هوءَ اهڙي مواد جي ڪنهن به صورت ۾ حمايت نٿي ڪري. وڊيوز ۾ جيڪو ڪجهه به چيو ويو آهي، اهو سندس ذاتي خيالن جي عڪاسي نٿو ڪري.