گھڻو ڪري ٽشو رول کي صفائي لاءِ ئي استعمال ڪيو ويندو آهي، پر ٽشو رول صفائي کانسواءِ ڪيترن ئي طريقن سان استعمال ٿيڻ جي خاصيت رکندا آهن.
ڪاغذ جي ان ٽڪري کي صفائي کانسواءِ حيران ڪندڙ طريقن سان به استعمال ڪري سگھجي ٿو.
سپر ڪرسپي چڪن تيار ڪرڻ کان اڳ ٽشو پيپر جي مدد سان چڪن کي خشڪ ڪرڻو هجي يا اضافي سڻڀ جذب ڪرڻ لاءِ فرائڊ آئٽمز کي ٽشو پيپر تي رکڻ هجي، ان کي ڪيترن ئي طريقن سان استعمال ۾ آڻي سگھجي ٿو.
ٽشو جي هڪ اضافي خاصيت ڀاڄين کي تازو رکڻ به آهي، فرج ۾ رکڻ جي باوجود به ڀاڄيون پاروٿيون ٿي وينديون آهن پر ان نئين استعمال جا حيران ڪندڙ نتيجا ملي سگھن ٿا.
ڪنهن به ڀاڄي کي تازو رکڻ لاءِ هڪ باڪس ۾ ٽشو پيپر وڇائي ڇڏيو ۽ ڀاڄي رکڻ کان پوءِ مٿي ٻيهر ٽشو پيپر وڇائي ڇڏيو.
ان کانسواءِ فرج ۾ هڪ ٽشو رول رکڻ به فرج ۾ موجود عجيب بوءِ کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي.
گھڻا ميوا ۽ ڀاڄيون پاڻي ڇڏيندا آهن. اها گھم فرج جي ڪرسپر باڪس ۾ ڦاسي پوندي آهي.
اهي ٽشو رولز گھم کي جذب ڪندا آهن، جنهن سان ڀاڄين جي نرم ٿيڻ جو عمل سست ٿي ويندو آهي.
پر ان رول کي مهيني ۾ ٻه ڀيرا تبديل ڪرڻ ضروري آهي.
ان سان فرج ۾ موجود ميوا ۽ ڀاڄيون جيتريون خشڪ هونديون، اوترو ئي دير تائين هلنديون.
You might also like