ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انساني کل ان جي جسم جو سڀ کان اهم جز آهي جيڪوسج جي شعاعن کان تحفظ فراهم ڪندوآهي.
کل جسم کي جيوڙن کان بچائڻ کانسواءِ گرمي پد کي منظم ڪرڻ ۾ به مدد ڪندي آهي.
ان لاءِ انتهائي ضروري آهي ته کل جو خيال به رکيو وڃي ۽ ان جو بهترين طريقو سن اسڪرين جو استعمال آهي جيڪو کل کي خراب ٿيڻ کان بچائي سگهي ٿو.
سن اسڪرين چهري جي کل لاءِ فائديمند هوندي آهي.
جيڪڏهن اوهان وڌندڙ عمر جون علامتون گهٽ ڪرڻ چاهيو ٿا ته سن اسڪرين کي پنهنجي معمول ۾ لازمي شامل ڪريو. هي اس ۾ اوهان جي کل جي ڪولجن ۽ ان سان واڳيل ٽشوز کي نقصان کان بچائي سگهي ٿي.
سج جا شعاع چهري جي کل تي نشانن جو سبب بڻجندا آهن، سن اسپاٽس کل جي هائپرپيگمينٽيشن جي ڪري هوندا آهن ۽ کل جيرنگ کي خراب به ڪندا آهن.
سن اسڪرين سج جي شعاعن کان کل جي حفاظت ڪري ٿي، هي سج جي شعاعن کي پهچندڙ نقصان جي امڪانن کي گهٽ ڪري ٿي.
کل جي ڪينسر جي خطري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سن اسڪرين بهترين آهي.
سڄي ڏينهن جي حفاظت لاءِ سن اسڪرين کي ٻيهر کل تي لڳائڻ به ضروري آهي.