دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اسپنر ابرار احمد آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 ۾ ڀارت خلاف ميچ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پنهنجي احساسن جو اظهار ڪيو.
ابرار احمد انسٽاگرام تي پاڪ-ڀارت ميچ جي تصوير شيئر ڪندي ويرات ڪوهلي کي پنهنجي ”ٻالڪپڻ جو هيرو“ قرار ڏنو ۽ سندس شخصيت جي واکاڻ ڪئي.
هن لکيو ته ”پنهنجي آئيڊل جي سامهون بالنگ ڪرڻ ۽ هن پاران ساراهڻ تي ٿورائتو آهيان، هو هڪ ڪرڪيٽر طور شاندار ۽ انسان طور نهٺائي سان ڀرپور آهي.“
ويرات ڪوهلي جا سڄي دنيا ۾ بيشمار مداح آهن، هن تازو پاڪستان خلاف دبئي ۾ شاندار سينچري اسڪور ڪندي ڀارت کي 6 وڪيٽن تان ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.
ميچ دوران ويرات ڪوهلي، ابرار احمد کي شاندار بالنگ تي داد ڏيندي ساڻس هٿ ملايو هو، جڏهن ته ابرار احمد 10 اوورن ۾ 28 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي هئي.
Next Post
You might also like