فلپس ڪوهلي جي 300 هين ميچ خراب ڪري ڇڏي، انوشڪا به وائڙي ٿي وئي، وڊيو وائرل

دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي گروپ اي جي آخري ميچ ۾ ويرات ڪوهلي جي آئوٽ ٿيڻ تي سندس گهرواري انوشڪا شرما مايوسيءَ جو اظهار ڪيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
ويرات ڪوهلي نيوزيلينڊ خلاف پنهنجي 300هين ون ڊي ميچ کيڏي، پر وڏي اننگز کيڏي نه سگهيو ۽ صرف 11 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.
هو نيوزيلينڊ جي رانديگر گلين فلپس هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو، جنهن پوائنٽ تي فيلڊ ڪندي ساڄي پاسي ڊائيو هڻي شاندار ڪيچ ورتو، جنهن ويرات ڪوهلي کي به حيران ڪري ڇڏيو.
اسٽيڊيم ۾ موجود انوشڪا شرما سندس آئوٽ ٿيڻ تي مٿي تي هٿ ڏئي ويهي رهي، جنهن جو ردعمل سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي ويو.
گلين فلپس جي ڪيچ ۽ انوشڪا شرما جي تصويرن تي مداح مختلف تبصرا ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي وهپيدارن ان کي ميچ جو يادگار لمحو قرار ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.