باقراڻي ٿاڻي جو اهلڪار ڪنبي لاڙي وٽ گوليون هڻي قتل

ڏوڪري (رپورٽر) باقراڻي ٿاڻي جي حد ڪنبي لاڙي وٽ اڻڄاتل هٿياربندن پوليس اهلڪار کي قتل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ ارباب شيخ واسي باقراڻي ٿاڻي جو پوليس اھلڪار 24 ورھين جو محمد رفيق پٽ ممتاز شيخ موٽر سائيڪل تي باقراڻي شهر کان پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن کيس گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.
اطلاع تي باقراڻي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي اهلڪار کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٽراما سينٽر لاڙڪاڻو پهچايو، جتي ڊاڪٽرن چڪاس بعد فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
مقتول پوليس اهلڪار جي ڀاءُ قربان شيخ ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي، ظالمن نوجوان ڀاءُ کي ماري ظلم ڪيو آهي، انصاف فراهم ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.