لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيرِ اعليٰ مريم نواز صوبي ۾ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ اثرائتي ۽ گڏيل ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
مريم نواز جي صدارت هيٺ سڀني ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن جو وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هن مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ ۽ هٿرادو مهانگائي خلاف اثرائتي مهم هلائڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعليٰ حڪم ڏنو ته سرڪاري اگهن جي فهرست کي واضح نموني ظاهر ڪيو وڃي، جڏهن ته کاڌي پيتي وارين شين جي گهرج ۽ رسد جي نگراني سان گڏوگڏ ذخيره اندوزي جي روڪٿام لاءِ ڪارروائي ڪئي وڃي.
مريم نواز هدايت ڪئي ته روزاني بنياد تي اگهن جي گڏيل رپورٽ پيش ڪئي وڃي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي معيار ۽ اگهن کي يقيني بڻايو وڃي.
هن چيو ته سڄي دنيا ۾ رمضان دوران شين جا اگهه گهٽايا ويندا آهن، اسان کي به رضاڪاراڻي طور تي اگهه گهٽ ڪرڻ گهرجن، جڏهن ته سهولت بازارن ۾ مارڪيٽ جي مقابلي ۾ سستي ۽ معياري شيون فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.
پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته هوءَ ڊيش بورڊ تي روزاني بنيادن تي کاڌي پيتي وارين شين جي اگهن جو جائزو وٺي رهي آهي، تنهنڪري هٿرادو مهانگائي ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي، مهم ۾ ڪنهن به سطح تي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي.
You might also like