بهاولپور(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي پويان هڪ منظم غير قانوني نيٽ ورڪ آهي، جنهن کي ڪجهه مخصوص عنصرن جي پٺڀرائي حاصل آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل عاصم منير بهاولپور ۾ شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان الله پاڪ جو عطا ڪيل املهه تحفو آهي، جنهن کي الله ڪيترين ئي نعمتن سان نوازيو آهي.
هن چيو ته اسان کي ڪڏهن به پنهنجي عقيدي، اسلاف ۽ سماجي قدرن کي نه وسارڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته ملڪ جي ترقي لاءِ هر ڪنهن کي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جڏهن ته غير ضروري تنقيد ڪرڻ بدران پنهنجي ڪارڪردگي ۽ ذميوارين تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي.
آرمي چيف جو چوڻ هو ته جيستائين عظيم مائرون پنهنجا ٻار پاڪستان تي قربان ڪنديون رهنديون ڪو به اسان کي نقصان نه ٿو پهچائي سگهي.
هن چيو ته جڏهن ته قوم خاص طور تي نوجوان، فوج سان گڏ بيٺل هوندا ته ڪو به اسان جو ڪجهه به بگاڙي نه ٿو سگهي.
هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي پويان هڪ منظم غير قانوني نظام آهي، جنهن جي پٺڀرائي مخصوص عنصر ڪن ٿا، جڏهن به رياست ان تي ڪارروائي ڪندي آهي ته سندن ڪوڙا بيان سامهون ايندا آهن.
دا آهن.
جستيائين نوجوان فوج سان گڏ بيٺل هوندا ڪو به اسان کي نقصان نٿو پهچائي سگهي: آرمي چيف
Next Post
You might also like