ڪراچي(رپورٽر)جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ بوٽ بيسن جي علائقي ۾ شاهه زين مري پنهنجي گارڊز سان گڏ شهري تي تشدد ڪرڻ واري ڪيس ۾ پوليس گرفتار 5جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي، عدالت جوابدارن کي ٻه ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو، عدالت جاچ آفيسر کان اڳڀرائي رپورٽ به طلب ڪري ورتي، هوڏانهن گرفتار جوابدارن جي وڪيل چيو ته سڄي دنيا کي خبر آهي ته شاهه زين مري ڪوئيٽا ۾ ويٺو آهي پر کيس ڪير به گرفتار نٿو ڪري سگهي، سسٽم ۾ ايترو دم ئي ناهي جو شاهه زين مري کي گرفتار ڪري سگهي، شاهه زين مري جيڪڏهن هتي به اچي بيهي پوءِ به پوليس کيس گرفتار نه ڪندي، وڪيل صفائي جو وڌيڪ چوڻ هو ته گرفتار ٿيل ماڻهو رڳو گهر ۾ ڪم ڪندڙ ملازم آهن جيڪي واقعي وقت موجود نه هئا، جوابدارن جي وڪيل چيو ته پوليس شاهه زين مري تائين نٿي پهچي سگهي جنهن خلاف ڪيس آهي، رڳو ميڊيا ۾ خبرون اچڻ سبب انهن محافظن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.