واشنگٽن/ڪيف (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ يوڪريني صدر زيلنسڪي وچ ۾ وائيٽ هائوس ۾ ملاقات دوران سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي ۽ صدر زيلنسڪي وائيٽ هائوس مان اٿي هليو ويو. ٻنهي وچ ۾ معدنيات بابت معاهدو ٿيڻو هو پر ان دوران تڪرار ٿي پيو. وائيٽ هائوس چيو ته معاهدي تي صحيحون نه ٿي سگهيون ۽ ٻنهي صدرن طئي ٿيل گڏيل پريس ڪانفرنس به رد ڪري ڇڏي. آمريڪي صدر ٽرمپ يوڪريني صدر کي چيو هو ته روس سان معاهدو ڪريو نه ته اسان پوئتي هٽي وينداسين، يوڪريني صدر چيو ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ڪا سوديبازي نه ٿيڻ گهرجي. ٽرمپ چيو ته اوهان کي آمريڪا جا ٿورا مڃڻ گهرجن، اوهان وٽ ڪو آپشن ناهي. آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس به زيلنسڪي کي چيو ته توهان جا لفظ غير مناسب آهن. زيلنسڪي چيو ته اوهان اهو ڄاڻڻ جي ڪوسش ڪئي ته اسان کي ڪيتريون ڏکيائيون آهن؟ ٽرمپ سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ چيو ته زيلنسڪي آمريڪا جي توهين ڪئي آهي، جڏهن هو امن لاءِ تيار هجي ته واپس اچي سگهي ٿو. صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته زيلنسڪي رڳو چنگ چاهي ٿو. آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري مارڪو روبيو چيو ته صدر ٽرمپ هڪ ڊيل ميڪر آهي، يوڪريني صدر جيڪو ڪيو ان تي کيس معافي وٺڻ گهرجي. وائيٽ هائوس مان نڪرڻ کانپوءِ يوڪريني صدر ٽرمپ سان سخت جملن تي معافي کان انڪار ڪيو، هن چيو ته جيڪو ٿيو سٺو نه ٿيو پر جيڪڏهن ممڪن به هوندو تڏهن به وائيٽ هائوس واپس نه ويندس. هوڏانهن معاملي تي روسي صدر ولاديمير پيوٽن خاموش آهي.