اسلام آباد(م ڊ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز خلاف سپريم ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي، درخواست محمد راجا بشارت داخل ڪرائي آهي ، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مريم نواز وزيراعليٰ طور اشتهارن ۾ پنهنجي مشهوري ڪرائي آهي، عدالت 22 سيپٽمبر 2022 تي سرڪاري پئسي مان اشتهار هلائڻ تي پابندي لڳائي هئي، مريم نواز پنهنجي مشهوري لاءِ اشتهار هلرائي عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته مريم نواز کي توهين عدالت جو مرتڪب قرار ڏنو وڃي.