بحريا ٽائون نيب جي نشاني تي، ملڪ رياض لاءِ خطري جي گهنٽي؟

اسلام آباد (منصور علي خان/عمر چيما) نيب جي ٽيم بحريا ٽائون جي آفيس نه پر ڪراچي ۾ موجود رهواسين سان ملاقات لاءِ پهتي. بحريا ٽائون جي رهواسين هڪ تنظيم آهي، جنهن ۾ اهي ماڻهو شامل آهن، جيڪي اتي رهن ٿا يا جن سيڙپڪاري ڪئي آهي. پريس رليز موجب، نيب جي ٽيم ساڻن رابطو ڪيو ۽ سندن شڪايتون ٻڌيون. نيب جي ٽيم رهواسين ۽ الاٽيز ٻنهي ڌرين جا خدشا ٻڌا، جن مان ڪجهه ماڻهن کي پلاٽ بحريا ٽائون جي حدن کان ٻاهر مليا، جنهن تي انهن خدشن جو اظهار ڪيو. رهواسين بجلي، سيڪيورٽي، ۽ ٻين معاملن بابت به نيب کي شڪايتون ڪيون. نيب جو اتي پهچڻ معاملي جي سنجيدگي ڏيکاري ٿو، ۽ اهو امڪان آهي ته جاچ اڳتي وڌندي. نيب ڪڏهن بحريه ٽائون جي متاثرن جا مسئلا نه ٻڌا هئا ۽ ڌيان نه ڏنو هو پر هاڻي هنن مسئلا ٻڌڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. پريس رليز ۾ چيو ته ڪنهن کي به مسئلا آهن ته اهي اسان وٽ شڪايتون داخل ڪرائين.  جڏهن ٻن طاقتورن ۾ تڪرار هلندو آهي ته ڪجهه ڪمزور ماڻهن کي به فائدو ٿي پوندو آهي. هاڻي ڪمزورن کي پنهنجي طاقت بڻائي، بحريه جي متاثرن جي شڪايتن تي بحريه ٽائون خلاف مسئلا پيدا ڪندا. اهو ملڪ رياض لاءِ خطري جي گهنٽي آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، آچر 02 مارچ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.