لاهور (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي اوپنر ميٿيو شارٽ جي آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي مان ٻاهر ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي.
آسٽريليا جو سيمي فائنل ايندڙ هفتي ڀارت يا نيوزيلينڊ خلاف ٿيندو، جتي انجري سبب ميٿيو شارٽ ميچ مِس ڪري سگهي ٿو، هو افغانستان خلاف ميچ دوران گوڏي جي انجري جو شڪار ٿيو هو.
آسٽريلوي ڪپتان اسٽيو سمٿ جو چوڻ آهي ته هو نٿو سمجهي ته ميٿيو شارٽ سيمي فائنل تائين فٽ ٿي سگهندو، ڇو ته هو تڪليف ۾ آهي ۽ گهڻي چرپر نٿو ڪري سگهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، جيڪڏهن ميٿيو شارٽ فٽ نه ٿيو ته سندس جاءِ تي جيڪ فريزر ميڪگرڪ کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو.
You might also like