ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل پنهنجو نئون گهٽ قيمت وارو ماڊل آءِ فون 16 اي وڪري لاءِ پيش ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، آءِ فون 16 اي آسٽريليا، ڪئناڊا، چين، جرمني، ڀارت، جپان، ملائيشيا، ميڪسيڪو، ڏکڻ ڪوريا، ترڪي، گڏيل عرب امارات، برطانيا، آمريڪا ۽ ٻين 59 ملڪن ۾ دستياب آهي.
آءِ فون 16 اي جي ظاهر کي آءِ فون 14 (فرنٽ کان) ۽ آءِ فون 8 (بيڪ کان) سان ملندڙ جلندڙ قرار ڏنو پيو وڃي ، پر ان ۾ جديد اي 18 چپ لڳائي وئي آهي.
ان کانسواءِ ايپل سيٽلائيٽ ڪنيڪٽيويٽي لاءِ پهريون سي ون موڊيم، ايمرجنسي ايس او ايس، روڊ سائيڊ اسسٽنس، ميسجز ۽ فائند ماءِ وايا سيٽلائيٽ جون سهولتون پڻ متعارف ڪرايون آهن.
You might also like