ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف نيوزيلينڊ دوري لاءِ آل رائونڊر شاداب خان کي ڪپتان بڻائڻ جي حمايت ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب، پي سي بي طرفان چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرمناڪ ڪارڪردگي کانپوءِ سينيئر رانديگرن کي آرام ڏيڻ ۽ نوجوان ٽيلنٽ کي موقعو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، اڳوڻو هيڊ ڪوچ ثقلين مشتاق جو نالو به قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ جي عهدي لاءِ مضبوط اميدوار طور غور هيٺ آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ميگا ايونٽ ۾ ناڪامي کانپوءِ نيوزيلينڊ جي دوري ۾ نوجوان رانديگرن کي آزمايو ويندو، جڏهن ته شاداب خان يا سلمان علي آغا مان ڪنهن هڪ کي ڪپتاني ملي سگهي ٿي.
ان حوالي سان اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف پڻ شاداب خان کي ڪپتان بڻائڻ جي حمايت ڪئي آهي.
هن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي 13 رانديگرن جي لسٽ پڻ جاري ڪئي آهي، جن کي سندن ڪارڪردگي جي بنياد تي ٽيم ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.
راشد لطيف طرفان شيئر ڪيل فهرست ۾ محمد حارث، سفان مقيم، عرفات منهاس، عرفان خان نيازي، زمان خان، محمد وسيم، عباس آفريدي، جهانداد خان، آغا سلمان، ابرار احمد، عمير بن يوسف ۽ خوشدل شاهه شامل آهن.
You might also like