ڪارونجهر، گورک، گنجي ٽڪر، کير ٿر ۽ ڪينجهر جي تحفظ لاءِ قانونسازي ڪريو: وسند ٿري

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ ڊاڪٽر دلدار لغاري پنهنجي گڏيل  پريس بيان ۾ چيو آهي ته معدني وسيلن جي کوٽائي کي صنعت جو درجو ڏئي پيپلز پارٽي سرڪار سنڌ جا تاريخي ماڳ ميسارڻ جي سازش ڪئي آهي، سنڌ ڪابينا جو هي فيصلو سنڌ جي تهذيب تي حملو آهي، ڪارونجهر، گورک، کير ٿر سميت سنڌ جي سمورن ثقافتي ماڳن تي پيپلز پارٽي سرڪار جي ميري اک آهي، پيپلز پارٽي سنڌو درياهه وڪرو ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جا ثقافتي ماڳ ميساري سنڌي قوم جو وجود ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي، پيپلز پارٽي نائون مل کان وڌيڪ غداري ڪئي آهي، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته معدني وسيلن جي کوٽائي کي صنعت جو درجو قرار ڏيڻ وارو فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي، ڪارونجهر، گورک، گنجي ٽڪر، کير ٿر، ڪينجهر سميت سنڌ جي سمورن تاريخي، ثقافتي ۽ سياحتي ماڳن ۽ مڪانن جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.