پني عاقل ۾ بدامني خلاف مارچ، پوليس ڏوهارين جي ساٿاري آهي: شهري

پنوعاقل (رپورٽ: ارشاد رستم انڍڙ) پني عاقل ۾ بدامني خلاف وڪيلن، سياسي سماجي تنظيمن، واپاري تنظيمن ۽ شهرين پاران احتجاجي تحريڪ جاري آهي، ٽن ڏينهن جي شٽر بند هڙتال ۽ ڇهن ڏينهن جي علامتي بک هڙتال ڪيمپ کانپوءِ ڪالھه سوين شهرين، وڪيلن، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ڪاروباري ماڻهن پاران دعا چوڪ کان عيد چوڪ تائين هٿن ۾ امن جا سفيد جهنڊا  کڻي تمام وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ريلي دعا چوڪ کان شروع ٿي مندر گلي چوڪ، سانول چوڪ کان ٿيندي شهر جو گشت ڪندي عيد گاھ چوڪ تي پهتي، جتي پنوعاقل بار ايسوسيئيشن جي صدر وڪيل جمال ناصر بلو، پ پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ نيڪ محمد ڪورائي، مفتي جميل ڪورائي، وڪيل آصف رضا گهنيون، ڪامريڊ مجيد جسڪاڻي، مکي پرڀومل ۽ ٻين خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيستائين شهر ۾ امن قائم نه ٿيندو، نينگر عابد پٺاڻ بازياب ۽ شهر مان ٿيل چوريون ۽ ڦرون واپس نه ٿينديون، تيستائين اسان جي احتجاجي تحريڪ جاري رهندي، ان ڪري پوليس کي گهرجي ته جلد کان جلد نينگر عابد پٺاڻ کي بازياب ڪرائي ۽ شهر مان ٿيل ڪروڙين رپين جون چوريون ۽ ڦرون واپس ڪرائي، هنن وڌيڪ چيو ته ڊي ايس پي پنوعاقل عبدالستار ڦل جا ڏوهارين سان گهرا واسطا آهن ۽ پني عاقل ۾ هٿ سان بدامني ڪرائي رهيو آهي، ماضي جي سکر جي هڪ ايس ايس پي پاران پڻ اهڙو انڪشاف ڪيو ويو هو ته ڊي ايس پي عبدالستار ڦل جا ڏوھارين سان واسطا آهن، ان ڪري هن جي آءِ جي سنڌ پوليس پاڻ جاچ ڪرائي، جيئن ۾ پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ موجود ڪاريون رڍون ظاهر ٿي سگهن، ان موقعي تي مغوي 7 سالن جي نينگر عابد شاھ جي والد نورالدين پٺاڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پٽ جي بازيابي لاءِ ايس ايس پي سکر طرفان ورتل مهلت ختم ٿي وئي آهي پر ھن مھل تائين معصوم ٻار جي بازيابي عمل ۾ نه اچي سگهي آهي جنهن ڪري سخت پريشان آهيون، خدارا اسان کي پنهنجو ٻچڙو بازياب ڪرائي ڏنو وڃي.

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.